گڏيل جدوجهد ڪري ڌاڙيلن ۽ انهن جي سهولتڪارن مان جان ڇڏائڻي پوندي:لال جروار

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منجهند جو 2 وڳي ڪانفرنس ڪئي ويندي،  ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون، گذريل ٽن سالن کان وٺي ڌاڙيلن وٽ قيد پريا ڪماري جي امڙ سميت بدامني سبب متاثر گهراڻن ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ويون،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، عوامي ورڪرس پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لال شاھ، سنڌي هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، عوامي راڄ تحريڪ جي صدر سيد خليل شاهه، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل، ايڇ آر سي پي جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين، سنڌ سهائي سٿ جي چيئرپرسن عائشه ڌاريجو،  وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت، نامياري قانوندان مسعود نوراني، ناميارو اديب جامي چانڊيو، شاعر مير حسن آريسر، سينيئر صحافي جي اين مغل، دستگير ڀٽي، اقبال ملاح، نعمت کهڙو، سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، صحافي مهيش ڪمار، اسحاق مڱريو، وحيد راڄپر، ساحل جوڳي، علي محمد ميمڻ، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر نويد سنديلو، پروفيسر مبارڪ لاشاري، سماجي اڳواڻ شفيع مرگهر، چيتن ڪمار، ايڊووڪيٽ منظور کوسو، پرفيسر روشن خاصخيلي، سگا ۽ سماجي اڳواڻ قاسم ناريجو، اديب ۽ علمي ادبي فورم جي آرگنائيزر ادريس لغاري، شاعر اقبال رند، انور پرديسي، ڊاڪٽر شاهنواز دل، هالار نواز گهانگهرو، فهيم نوناري، ارشاد لغاري، سنڌ ويجن جي سربراهه محبوب شيخ، سماجي اڳواڻ معشوق برهماڻي، اڪبر لاشاري ۽ مغوي پريا ڪماري، شهيد استاد الله رکيو نندواڻي، شهيد صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند ۽ فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ٽيليفونڪ رابطا ۽ ملاقاتون ڪري دعوتون ڏنيون، لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڻ اعلانيه ڌاڙيلن دھشتگردن ۽ ڏوھارين جو راڄ آھي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، ماڻھو گھرن ۾ به محفوظ ناھن، معصوم نياڻيون اغوا ڪندڙ ڌاڙيل ڪنهن جي ڇپر ڇانو ۾ لڪيل آهن، سنڌ  جي صوبائي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ۽ بيوروڪريسي عوام جي ٽيڪس مان عياشيون پيا ڪن، عوام کي ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. پوليس کاتي جا اھلڪار ۽ آفيسر عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران  سردارن وڏيرن وزيرن ۽ مشيرن جا ذاتي ملاز  بڻجي ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.