اسلام آباد (م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو ايف بي آر جي ملازمن جي تفصيلن لاءِ سول انٽيليجنس ايجنسي کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، ذريعي مطابق ايجنسين جي ملازمن جي دفتر ۽ مٽن مائٽن کان معلو مات وٺڻ شروع ڪري ڇڏي. انٽيليجنس گريڊ 19-20- 21 جي ملازمن جي معلومات وٺي رهي آهي، جنهن ۾ آفيسرن جي مالي طور تي اميداندري ۽ پروفيشنل ڪم جي معلومات ورتي پئي وڃي. ذريعن مطابق معلومات ملڻ کان پوءِ ملازمن کي اي بي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويندو. ڪيٽيگري اي ۽ بي جي آفيسرن جي رپورٽ جي مناسب سان پوسٽنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ڪيٽيگري جي ملازمن کي اهم ذميواريون ڏنيون وينديون ۽ اهڙن آفيسرن کي ملازمت مان فارغ به ڪيو ويندو، ذريعن مطابق مستقبل ۾ ترقي به انهي رپورٽن جي مدد سان ڪئي ويندي.