پشاور(م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ ڪي پي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عتيق شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ اسپيڪر جي وڪيلن دليل ڏنا. ايڊووڪيٽ جنرل پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي معاون جي حيثيت سان دليل ڏنا، پشاور هاءِ ڪورٽ مخالف ڌر جي ميمبرن جون درخواستون منظور ڪري ورتيون. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ميمبرن کان حلف وٺي. چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو وڃي ۽ دستخط به وٺڻ گهرجن، سينيٽ چونڊن ۾ چونڊيل ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني وڃي.