اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات ڪندو. اها ملاقات اڄ 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي تفصيلن کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم سان گڏ قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به هوندا. اعظ۾ نذير تارڙ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته وزيراعظم چيف جسٽس سان ملندو.