وڪيل تنظيمن پاران ججن جي خط جي جاچ جو مطالبو

اسلام آباد / ڪراچي (بيورو رپورٽ/ رپورٽر) اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6  ججن جي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي  مداخلت جي حمايت ۾ سامهون اچي ويون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي 4 بار ايسوسيئيشنز  جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان جاچ ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکڻ واري معاملي تي اسلام آباد بارايسوسيئيشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن دوران بار  پاران آزاد عدليه ۾ مداخلت بابت ججز جي خط تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ويو ته معاملي جي انڪوائري ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. آزاد ۽ خودمختار عدليه جي آئيني اصولن کي نظر ۾ رکندي ججن کي پنهنجون ذميواريون آزاديءَ سان نڀائڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏهن عدليه جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائڻي پئي ته نه پوئتي نه هٽنداسين. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته معاملي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشتمل جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عدليه جي معاملن ۾ مداخلت عدالتي نظام تي حملي برابر آهي. ھوڏانھن 6 ججن جي خط جي اوپن ڪورٽ انڪوائريءَ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ميان دائود ايڊووڪيٽ پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ججن جو سپريم ڪورٽ کي خط هڪ اڳواٽ رٿيل لڳي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو ته لڳي ٿو ته ججن اهو خط تحريڪ انصاف جي هدايتن تي لکيو آهي. سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ججن جي خط لکن سان سڄو معاملو شڪي بڻجي ويو آهي. ججن  خط ۾ رڳو عمران خان جي  هڪ ڪيس جو مثال ڏنو آهي پر هڪ به ڪيس جو واضح حوالو ۽ ثبوت نه ڏنو آهي.  خط عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابر آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته ججن جي الزامن جي اوپن ڪورٽ انڪوائري لاءِ هڪ بااختيار ڪميشن ٺاهي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.