ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾اين اي 238 تي جعلسازي بابت رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ جو اين اي 238 اميدوار حليم عادل شيخ سينيئر اسيمبلي ميمبر محمد اشر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، آر او ۽ ڊي آر جي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ٿي وئي، درخواستگذار جو موقف آهي ته حليم عادل شيخ 84 هزار ووٽ کنيا پر رٽرننگ آفيسر پاران جعلسازي ڪري هارايو ويو، حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان مينڊيٽ چور خلاف اي 22 جي درخواست داخل ڪئي آهي، اسان کي اميد آهي ته انهن چورن کي سزا ملندي جن عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي انهن کي سزا ملندي، اسلام آباد جي 6 ججن جيڪا ڳالھه ڪئي ان سان ثابت ٿي ويو ته جسٽس عامر فاروق جنهن به ڪيس ۾ ويٺو آهي اتي اسان کي انصاف ناهي مليو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چاهي ٿو ته ماڻهو مٿس اعتماد ڪن ته فوري طور تي سوموٽو ايڪشن کڻي، هيءَ ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي ڇهن ججن لکيو آهي.
-
پي ٽي آءِ پاران سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ جوڙڻ جو مطالبو
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٺاهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو خط جي ٻڌڻي ڪرڻ گهرجي، هي ججن جو خط نه، پر چارج شيٽ آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 6 ججن خط ۾ لکيو ته دٻاءُ ۾ وجهڻ جو هڪ ئي مقصد هو. هن وڌيڪ چيو ته ججن خط ۾ لکيو ته سياسي ڪيسن ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، عمران خان خلاف سمورن ڪيسن جا فيصلا ان خط کانپوءِ ختم ٿي ويا. اهي ڪيس پي ڊي ايم حڪومت جو ڪارنامو هئا، ساڳين حالتن ۾ 200 ڪيس ٺاهيا ويا، عمران خان خلاف جيڪي ٽرائل هليا آهن، اهي متاثر ٿيا آهن، سمورا فيصلا ڪالعدم ڪري عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته وڪيل تنظيمون هميشه ججن جو تحفظ ڪنديون آهن، گذريل ٻن سالن کان وڪيلن جي سياست به متاثر ٿيندي نظر اچي رهي آهي. هن زور ڀريو ته سياسي ڌرين کي اختلاف وساري عدليه جي آزادي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. عدليه کي يقين ڏياريون ٿا ته سڄي قوم ۽ پي ٽي آءِ جو هر ڪارڪن اوهان جي پويان بيٺو هوندو، بئريسٽر گوهر مطالبو ڪيو ته خط لکڻ وارن ججن ۽ سندن خاندانن کي تحفظ ڏنو وڃي.