ٿيليسيميا بابت پٽيشن تي سيڪريٽري صحت ۽ ٻين کي نوٽيس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ قانوندان اياز لطيف پليجو پاران ٿيليسيميا بابتداخل ڪيل پٽيشن تي عدالت ڌر ڄاڻايل سيڪريٽري ھيلٿ، سيڪريٽري ڪميونٽي ھيلٿ، ڊي جي ھيلٿ سنڌ ۽ حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ سنڌ جي سمورين سول اسپتالن جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽس کي نوٽيس جاري ڪندي چار ھفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آھي..

پٽيشن ۾ اياز لطيف پليجو موقف اختيار ڪيو ته سنڌ اسيمبلي پاران 2013ع ۾ ٿيليسيميا پريوينشن ۽ ڪنٽرول ايڪٽ جاري ڪيو جنھن تي 10 سال کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود عمل نه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيليسيميا سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، جڏهن ته ٿيليسيميا جھڙي موذي بيماري سبب سنڌ جا ھزارين ٻارڙا متاثر آھن, جيڪي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.