خواجا آصف جي تڪراري بيانن تي نواز شريف وٽ طلبي

اسلام آباد (ع آ نيوز) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جي انٽرويوز ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ جنرل(ر) فيض حميد مٿان لڳايل الزامن تي نواز ليگ قيادت ناراض ٿي وئي آهي ۽ خواجا کي جاتي امرا طلب ڪري کانئس پڇاڻو ڪيو ويو آهي. خواجا آصف ۽ نواز شريف جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ پنجاب جي وزير اعلي’مريم نواز به موجود هئي. ذريعن موجب خواجا آصف ۽ نواز شريف ۾ ويجهڙائپ جي ڪري خواجا جا بيان نواز شريف جا سمجهيا پيا وڃن، پر هن ملاقات ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته اهو خواجا جو ذاتي موقف آهي.نواز شريف خواجا تي ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس ٻيهر اهڙو رويو اختيار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.تجزئي نگارن موجب ان ملاقات سان پهريان کان موجود تاثر ختم نه ٿيندو ته سندس بيان مسلم ليگ ن جي پاليسي ناهي. خواجا آصف جي بيانن مان اهو لڳي ٿو ته موجوده حڪومت تي نواز ليگ يا شھباز شريف جو نه پر اسٽيبلشمينٽ جو ڪنٽرول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.