بشام حملو، وزيراعظم سفارتخاني پهتو، چيني سفير سان تعزيت

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيني سفارتخاني وڃي چيني سفير سان ملاقات ڪئي ۽ بشام ۾ دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زائيڊونگ سان تعزيت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون سميت سڄي قوم  جون همدرديون چيني شهرين جي پونئيرن لاءِ آهن، حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سزا ڏيندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي کي نقصان پهچائڻ جون اهڙيون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دشمن پنهنجي ناپاڪ ادارن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندو. چيني سفير وزيراعظم جي سفارتخاني آمد ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا ۽ وزيراعظم جي پاڪ – چين دوستي جي حوالي سان عزم جي تعريف ڪئي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڌماڪي کان ترت پوءِ چيني سفارتخاني پهچي ويو جتي هن چيني سفير سان ملاقات ڪئي. محسن نقوي چيني سفير کي ڌماڪي جا سمورا تفصيل ۽ فوتگين بابت آگاهه ڪيو. وفاقي گهرو وزير واقعي واري هنڌ جاري ريسڪيو آپريشن کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.