شانگلا ۾ داسو ڊيم ويندڙ قافلي تي آپگهاتي حملو، 5 چيني انجنيئرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

شانگلا/اسلام آباد/راولپنڊي (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگلا جي علائقي بشام آپگهاتي حملي آور بارود سان ڀريل گاڏي چيني انجينيئرن جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج چيني شهرين سيمت 6 ڄڻا مارجي ويا. ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب، گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان وڃي رهي هئي، چيني انجينيئر اسلام آباد کان داسو ڊيم وڃي رهيا هئا. آپگهاتي حملي ۾ پنج چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي. پوليس موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيني مسافرن جي گاڏي سان ٽڪرائي. واقعي کانپوءِ علائقي کي سيڪيورٽي فورسز گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي فورسز جو بشام ۾ سرچ آپريشن جاري رهيو، شاهراهه قراقرم ۽ ڪوهستان کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيني شهرين جي موت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر مارجي ويل چيني شهرين جي وارثن ۽ چيني حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دشمن قوتون پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ م ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شانگالا آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير ڌماڪي جي زخمين ۽ فوري طبي امداد ڏيڻ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن شانگلا ضلعي ۾ گاڏي تي آپگهاتي حملي ۾ چيني رهواسين جي مارجي وڃڻ تي  چيني سفارتخاني جو بيان سامهون اچي ويو. چيني سفارت خاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشت گرد واقعي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ يقيني بڻائي ته اڳتي اهڙا واقعا نه ٿيندا. چيني سفارتخاني جي ترجمان چيو آهي ته چيني سفارتخانو ۽ قونصل خانو دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگرد حملي جي متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. چيني سفارتخاني پاڪستاني اختيارين کان حملي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. چيني سفارتخاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ موجود چيني شهري ۽ ڪمپنيون مقامي سيڪيورٽي صورتحال تي ڀرپور ڌيان ڏين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخانو ۽ قونصل خانا حملي جي سخت مذمت ڪن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي متاثرين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخانن ۽ قونصل خانن پاڪستان طرفان هنگامي جوابي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي .  مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته اها حملي جي مڪمل جاچ ڪري، ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏئي ۽ ان سان گڏ چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي تحفظ لاءِ عملي ۽ موثر اپاءَ وٺي ۽ ان حملي جهڙو واقعو ٻيهر نه ٿيڻ کي يقيني بڻائي. چيني سفارتخاني پاڪستان ۾ رهندڙ چيني رهواسين ۽ ڪمپنين کي چيو آهي ته هو پنهنجي مقامي سيڪيورٽي صورتحال تي ڌيان ڏين، حفاظتي اپاءَ وڌائين ۽ سيڪيورٽي جا انتظام ڪن.  ٻئي طرف   پاڪ فوج شانگلا جي علائقي بشام ۾ چيني شهرين سميت 6 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي چيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ بيٺي آهي. پاڪ فوج بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گوادر، تربت ۽ بشام ۾ دهشتگردي جي واقعن جو مقصد داخلي سلامتي جي صورتحال کي غير مستحڪم ڪرڻ آهي، دهشتگرد واقعا اندروني سيڪيورٽي صورتحال کي غير مستحڪم ڪرڻ جون بدلاڻيون ڪارروائيون آهن. آءِ ايس پي آر چيو ته سڄي قوم پنهنجي چيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ گڏ آهي، قوم اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين جي مذمت ڪري ٿي، پاڪستان ۽ اسٽريٽيجڪ اتحادين، خاص طور چين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪجهه پرڏيهي عنصر پنهنجي مفادن تحت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ ۾ ملوث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.