سکر ۾ مقابلو،2 ڄڻا مارجي ويا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر پوليس جي ترجمان محمد بخش بلوچ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايئرپورٽ حدن جي ڊپٽي جو باغ وٽ سعيد آباد لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ انور نون ۽ خادم نون نالي 2 ڏوھاري مارجي ويا آھن، ان حوالي سان ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊپٽي جو باغ ويجهو سعيد آباد لنڪ روڊ تي هٿياربندن ڦر بعد فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 ڏوھاري مارجي مارجي ويا آھن، جن جي سڃاڻپ انور نون ۽ خادم حسين طور ٿي آهي، مارجي ويل ڌاڙيل پنهنجن ساٿين سان گڏ نئون پنڊ ٿاڻي جي حد شاهين پبلڪ اسڪول واري علائقي ۾ مسجد جي پيش امام کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ڦر ڪئي ھئي. گذريل ڏينهن مارجي ويل ڦورن جي سي سي ٽي وي جي مدد سان سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته چوري ٿيل موٽرسائيڪل، موبائل فون هٿ ڪيا ويا. وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪئي ويندي، ايس ايس سکر عابد علي بلوچ وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن خلاف 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. هوڏانهن سکر پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل  نون برادري جي متاثر مردن ۽ عورتن  لاش رکي سکر پريس ڪلب آڏو  پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن انور نون ۽ خادم حسين نون جا لاش رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او سي سيڪشن اقبال نون گهر ۾ گهڙي چئن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو هو، مظاهرين الزام هنيو ته  ٻن ڄڻن کي ڏوهاري قرار ڏئي ماريو ويو آهي جڏهن ته هڪ جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، هڪ لاپته آهي سکر پوليس رات جو ڪارروائي ڪئي آهي، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي قتل جي جاچ ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.