ڏوڪري: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، ٻه زخمي

ڏوڪري(ن ع آ)ڏوڪري ڀرسان ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب سنديلو ۾ مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب ممتاز  علي مغيري گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ،جڏهن ته  فوتي جو پٽ عثمان مغيري ۽ ڌڻي بخش مغيري زخمي ٿي پيا زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي جڏهن ته فوتي ممتاز مغيري جو لاش ڏوڪري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو.

 

فوتي جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. فوتي جي ڀاءُ محمد ايوب مغيري جو چوڻ هو ته منهنجو ڀاءُ ممتاز علي مغيري پٽ ۽ پنهنجي دوست سان گڏ روڊ تي بيٺو هو ته ابراهيم مغيري ئي هڪ نامعلوم شخص فائرنگ ڪري منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجو ڀائٽيو عثمان مغيري، ڌڻي بخش مغيري فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا آهن هن وڌيڪ چيو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي بي گناھ منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن ڳيريلو پوليس جو چوڻ هو ته ابراهيم مغيري ۽ ممتاز مغيري ۾ ذاتي رنجش هئي جنهن سبب هي واقعو پيش آيو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.