وڌيڪ ٽئڪس ڏيندڙن لاءِ بليو پاسپورٽ جو اعلان، ڪيستائين اوڌر وٺي پگهارون ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنهن قوم جي معيشت مضبوط هوندي آهي ان جو آواز ٻڌو ويندو آهي. اسلام آباد ۾ وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن لاءِ ايڪسيلينس ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي هن فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪئي،سندس چوڻ هو ته هن تباهي ۾ ٻارن جي شهادتن جو مثال نٿو ملي، ڪالهه جيڪو ٺهراءُ منظور ٿيو، ان تي عملدرآمد ضروري آهي. شهباز شريف چيو ته تقريب جو واحد مقصد اهي هيروز جيڪي سٺا ٽيڪس ڏيندڙ آهن ۽ محنت جي ڪمائي مان ٽيڪس ادا ڪن ٿا، انهن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته تقريب ذريعي قوم کي پيغام ملڻ گهرجي ته پاڪستان جون جيڪي حالتون آهن، انهن کي حل ڪرڻو آهي ته گاڏي جي ٻن ڦيٿن جيان نجي شعبي ۽ حڪومت کي گڏجي هلڻو پوندو. وزيراعظم تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي چيو ته هو قرض وٺي پگهارون ادا ڪري رهيا آهن ۽ ترقياتي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان ڪيستائين قرض ۾ رهنداسين. آءِ ايم ايف بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام استحڪام لاءِ آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو ٿي ويو آهي ۽ قسط ايندڙ مهيني ملندي پر آءِ ايم ايف سان ٻيو پروگرام ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته مان سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو، اهڙن ماڻهن کي اعزازن سان نوازڻ انتهائي ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.