اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس پهرين اپريل گهرائڻ جو فيصلو، 2 اپريل تي اسلام آباد کي 2 سيٽن تي اليڪشن ٿيندا، قومي اسيمبلي هال پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ٿيندو،
-
18هين ترميم جو جائزو وٺڻ دوران محتاط رهڻ گهرجي:جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد( م ڊ) آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدي واري ڪيس ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جو اختلافي نوٽ جاري، جسٽس يحيٰ آفريدي سميح بلوچ ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي فيصلي جي حمايت ۾ نوٽ لکو، جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته سميع بلوچ ڪيس ۾ طئي ٿيل نااهلي جو مدو اليڪشن ايڪٽ ۾ طئي ٿيل پنج سال واري مدي تي حاوي آهي، هن چيو پارليامينٽ سادي قانون سازي ذريعي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ختم نٿي ڪري سگهي،سميع بلوچ ڪيس موجب نااهلي ڪورٽ آف لا ڊيڪلريشن باقي رهڻ تائين آهي، هن چيو سميع بلوچ فيصلي موجب به نااهلي سڄي عمر جي نه هئي. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ آرٽيڪل 61 ون ايف ۾ نااهلي جي مدي جو تعين ناهي ڪيو ويو، 18هين ترميم جو جائزو وٺڻ لاءِ محتاط رهڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم سياسي پارٽين متفقه راءِ سان منظور ڪئي هئي.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي سفارش
اسلام آباد (م ڊ) جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 6 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 6 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن جن 6 ججز کي گڏيل طور تي مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي انهن ۾ جسٽس عبدالرحمان، جسٽس جواد سروانه، جسٽس ثناءَ منهاس، جسٽس خادم سومرو، جسٽس اعجاز ۽ جسٽس امجد شامل آهن.