نوشهرو فيروز: بلال جتوئي جي گرفتاري لاءِ پوليس جي جتوئي هائوس تي چڙهائي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوشهروفيروز ۾ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ  جتوئي جي  صاحبزاد جي گرفتاري لاءِ پوليس  ڇاپو هنيو، پوليس مطابق جتوئي هائوس تي  ڇاپو هنيو پر ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي. پوليس مطابق اليڪشن 2024ع  جي ڏينهن 5 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، جنهن جو ڪيس داخل آهي، جنهن ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي جو پٽ  جو شامل آهي، نوشهرو فيروز پوليس مطابق هڪ زخمي ۽ هڪ فوت ٿيڻ جي ڪيس ۾ قتل ۽ دهشتگردي جا قلم شامل هئا، ان حوالي سان غلام مرتضيٰ جتوئي موقف ڏنو ته سياسي دشمني ورتي پئي وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل پيا ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.