پشاور(م ڊ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) محمد صفدر سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي ججن کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيپٽن (ر) صفدر اڳوڻي ججن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندي الزام لڳايو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ 5 ججن جنرل باجوا ۽ فيض حميد جي چوڻ تي غلط فيصلا ڪيا.هن چيو ته جنرل باجوا غلط فيصلو ڏياريو ڇو ته کيس خبر هئي ته نواز شريف ملازمت مدي ۾ واڌ نه ڪندوڪيپٽن (ر) محمد صفدر اهو به چيو ته جنرل باجوا کانپوءِ آرمي چيف ٿيڻ لاءِ فيض حميد اليڪشن چوري ڪئي، اهڙن قومي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.