سلامتي ڪائونسل غزا ۾ فوري جنگ بندي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

نيويارڪ ( م ڊ ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ فوري جنگبندي لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جي قراردادتي ووٽنگ لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. سلامتي ڪائونسل جي 10 ميمبر ملڪن طرفان فوري جنگ بندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. قرارداد پيش ڪرڻ وارن ملڪن ۾ الجيريا، جاپان، ايڪواڊور، سوئٽزرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، مالٽا ۽ ٻيا ملڪ شامل هئا. سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن قرارداد جي حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا غزا ۾ جنگبندي واري قرارداد تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.