چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت يورپي يونين جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن حوالي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ قيادت آڏو گوڏا کوڙيندي ميڙن مٿن تي لهي آئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت  يورپي يونين هڪ رپورٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي آهي. پي ٽي آءِ اها رپورٽ پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سموريون ڌرين اڳتي اچن، ڳالھيون ڪن ته جيئن ملڪ کي مالي مشڪلاتن جي ڌٻڻ مان ڪڍون، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان آءِ ايم ايف، يورپي يونين ۽ ٻين ملڪن ۽ ادارن کي خط لکڻ ڇڏي ڏين، جيڪي به سندن شڪايتون آهن اهي ملڪي فورمن تي ڪن، عالمي ادارن ڏانهن نه وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.