اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پاڪستان-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي تي آمريڪي پابندين خلاف ڇوٽ جي درخواست تيار ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت آمريڪي پابندين خلاف درخواست داخل ڪرڻ جي رٿ ۾ دير ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست داخل ڪرڻ جي رٿ ۾ جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب دير ٿي ۽ وزارتي نگران ڪميٽي پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين منصوبي بابت فيصلا ڪيا. ان حوالي سان ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي آمريڪي پابندين مان ڇوٽٰ گهرندو ۽ پاڪستان جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪندو. هن چيو ته آمريڪي پابندين خلاف سياسي ۽ ٽيڪنيڪل دليل ڏئي استثنيٰ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ان لاءِ سخت لابنگ ڪنداسين، گئس پائيپ لائين منصوبي جي تعمير جلد شروع ڪئي ويندي.
-
ڪراچي ۾امن امان قائم نه ڪيو ويو ته وزيراعلي هائوس جو گهيراءَ ڪنداسين:فاروق ستار
ڪراچي ( م ڊ ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن شهر ۾ امن امان قائم نه ڪئي وئي ته عيد کانپوءِ وڏي وزير هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويو. ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿي ويل نوجوان عبدالرحمن جي جنازي نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اسان هڪ ٻئي نوجوان جي لاش کي دفنائي رهيا آهيون ، نوجوان جي قتل تي ڪراچي سوڳوار آهي ۽ هر اک آلي آهي، هن چيو ته ڪراچي شهر کي ڦورن ۽ چورن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، مان مطالبو ڪيان ٿو ته هاڻ منهنجي ٻارن کي به تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ بي گناهه ماڻهن جي قتل کي روڪيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار وڌيڪ چيو ته معاشي ۽ سماجي مسئلا آهن ان تي وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪري حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، رمضان المبارڪ ۾ ماڻهو صبر ڪن ٿا پر عيد اسان لاءِ هڪ تجديد عزم آهي ته اسان سر بلندي سان جيئڻ چاهيون ٿا، اسان هي ٽيڪس پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڏيون ٿا، اهو ٽيڪس اسان تي حرام آهي، جيڪڏهن ادا ڪريون، پر اسان جي جان ۽ مال جي حفاظت نه ڪئي وڃي.