سچل سرمست 1739ع ۾ پئدا ٿيو ۽ سندن وصال 1829ع ۾ ٿيو. ان حساب سان اهي نوي سال ئي سچل سرمست جو دؤر چئي سگهجي ٿو جڏهن ته فڪري طور تي اڄ به سچل سرمست جو ئي دؤر آهي. هن جي فڪر، هن جي فهم، هن جي فلسفي ۽ هن جي خيال جي اهميت جو دؤر آهي. سچل سرمست جي دؤر ۾ سنڌ تي ڪيترائي حملا ٿيا. سچل سرمست جي پيدائش کان صرف ڇهه سال اڳ درازن جي ڀِڪ ۽ ڀرسان ئي کهڙا شريف ۾ مخدوم عبدالرحمان کهڙوي کي سندس 222 ساٿين سميت مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. کهڙن واري ان سانحي کي ننڍي ڪربلا سڏيو ويو آهي. سچل سائين جي پيدائش کان ويهه سال اڳ يعني 1718ع ۾ صوفي شاھ عنايت جي شهادت جو واقعو ٿيو ۽ جنهن سال سچل سرمست ڄائو ته ان سال ئي ايراني بادشاھ نادر شاھ افشار سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڄڻ ته سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا علمي ادبي مرڪز ساڙيا ويا. نادري ظلمن جي ڪري ئي سنڌ ۾ "گھوڙا ڙي گھوڙا” جھڙيون چوڻيون عام ٿيون، ۽ جڏهن سچل سرمست اڃا پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ هو ته احمد شاھ ابداليءَ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ڪيو ويو. مدد خان پٺاڻ جون ڪاهون به سچل سائينءَ جي دور ۾ ٿيون. سچل سرمست جي آخري ڏينهن ۾ انگريز سنڌ ۾ داخل ٿي چڪا هئا ۽ ننڍي کنڊ جي اڪثر علائقن تي قبضو پڻ ڪري چڪا هئا.
ڊاڪٽر ابراهيم خليل لکيو آهي ته :
”سچل سائين جي دؤر ۾ 45 جنگيون لڳيون، سچل سائين پنهنجي آس پاس قيامت صغرى جا ڪيترائي منظر اکين سان ڏٺا جنهن مان متاثر ٿيڻ هڪ فطري امر آهي“.
يعني سچل سرمست جي شاعري جتي عشق ۽ حسن جو اڻميو ڀنڊار آهي اتي سندس شاعريءَ ۾ سندس ئي دؤر جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي به جهلڪي ڏسي سگهجي ٿي.
وڏا شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار سادو رکندا آهن، پر ان ۾ ڳوڙهو ۽ گهرو فلسفو هوندو آهي. سچل سرمست پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار کي سادو رکي به مقصد کي گهڻو ڳجهو ۽ اونهو رکيو آهي.
پني ۾ پيغام لکي مڪائين سڄڻين،
سي نه سمجهن عام، جي آهن منجهه اشارتين.
شاعري ان هنر ۽ آرٽ جو نالو آهي؛ جنهن جي وسيلي استعارن، تشبيهن ۽ اشارن جي آڌار شاعر پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري ٿو. سچل سرمست جو دؤر جنگين جو دؤر آهي، ڪوس، قتل ۽ قهر جو دؤر آهي ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙيون تشبيهون ڪتب آنديون آهن؛ جن ۾ تلوارن، نيزن، تيرن، حملن، سر ڏيڻ، سر وٺڻ جهڙا اشارا موجود آهن.
بِرھ جي بازار، جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
سودو جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛
جي ڪَنھن چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛
“سچو” اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي ڪَار.
سچل سائين ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهو منفرد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀني شاعرن کان وڌيڪ تلوارن، ڪاتين، ڪوس، حملن، ڪاهن ۽ قبضن جو ذڪر ڪيو آهي. اهو ان ڪري آهي جو سچل سائينءَ پنهنجي دؤر ۾ اهڙو ئي ماحول ڏٺو. شاعر هونئن به ته پنهنجي دؤر ۽ ماحول کي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪندو آهي. سچل سائينءَ به جيڪو ڪجهه پنهنجي دؤر ۾ ڏٺو اهو اشاراتي ۽ استعاراتي توڙي تشبيهي انداز ۾ لکيو.
مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي
مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، هه گٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون “سَچَو” صفاتِي.
سچل سرمست کي سنڌ جو منصور سڏيو ويو آهي. اهو به ان ڪري ته هو سر جو سانگو لاهي ٿو ڇڏي. ساڳي رمز سندس شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهي.
منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،
عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.
سچل سرمست پنهنجي دور ۾ ڪيئي فوجون ڏٺيون، روڄ راڙو، دڙڪو، دهمان ۽ ڌاڙو ڏٺو ۽ هن ان سموري منظر کي مٽائي ڇڏيو.
سچل سائينءَ چيو: حسن جو فوجون ائين ڪاهي پيون آهن، ڄڻ ته انگريزن جون فوجون هجن، هنن اوندهه انڌوڪار لائي ڏني، محبوبن جون سياهه اکيون ڄڻ جنگين جا جوڙ آهن، سچل سائين پنهنجي لاءِ چيو ته اهڙي هيبتناڪ منظر ۽ رومين ۽ چنگيزين جي فوجن جهڙي قهري حسن جي حملي کان پاڻ ڪيئن ٿو بچائي سگهجي.
فوجان حسن ديان چڙهه پيان،
جيوين چڙهي سپاهه فرنگيان دا،
گردا گرد اُهين ڪون جو ويڙهه گهتن،
ڏاڍا تاب اُنهان وو ترنگيان دا،
قابو نين سياهه سون پووِن،
جوڙ ڏٺا مين جنگيان دا،
انهان نال برابر ڪيوين ڪري،
“سـَـچـُـو” لشڪر روميان زنگيان دا.
نادر شاھ هجي يا احمد شاھ ابدالي توڙي مدد خان پٺاڻ هنن سڀني سنڌ جا ڪيئي ڳوٺ ساڙيا، تيار فصلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. هنن پنهنجي ظلم جي انتها ڪئي پر سنڌي ماڻهو وري به نکري ۽ نڪري ٿي بيٺا. سچل سائينءَ ظلم جي باهه ڏٺي ۽ هن ان باهه کي عشق جي باهه سڏي هاڪاري پاسو ڪڍي ورتو.
عاشق مٿان آڳ جي ،اولارا هگزڏين
ڀنڀڙ باھ عشق ۾ ، سپورن سڙن،
اچيو پون آڙاھ ۾ ، سر جو سانگ نه ڪن،
لائق لعل ٿين ، کامي لهسجي لوسجي.
سچل سرمست جو اظهار بيباڪ آهي،
”پاڻهي پوندئي پير، قاضي ڪاريهرتي“
اهڙي سٽ لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ان بيباڪيءَ جي ڪري ئي ته شيخ اياز چيو هو ته:
"آءُ درازا هل
تنهنجا سڀئي مولوي
منهنجو هڪ سچل”
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سچل سرمست غير رواجي شاعر آهي، هو مروج قدرن کي ٽوڙيندڙ شاعر آهي.
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون ، مرد ٿئين مردانو،
پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو.
۽ جيڪو شاعر مروج رسمون ۽ رواج ٽوڙڻ جو ساهس رکي ٿو، پڪ سان اهو شاعر هر دؤر جو شاعر ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هر نئون دؤر نئين چئلينج سان منهن ڏيڻ جو دور هوندو آهي. پراڻن سماجي قدرن تي نون سماجي قدرن کي فوقيت ڏيڻ جو دور هوندو آهي. انڪري ئي اڄ به سچل سرمست پنهنجي شاعريءَ سان نمايان نظر اچي ٿو.