ڪراچي( م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلاف سبب سينيٽ ۾ فيصل واوڊا کي ووٽ نه ڏيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان اڃا تائين ٽڪيٽ تي حتمي فيصلو ناهي ڪيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪيترائي اڳواڻ سينيٽ ۾ فيصل واوڊا جي حمايت جي خلاف آهن. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان عامر چشتي، شهباز ظهير ۽ ٻين جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو حتمي فيصلو سينٽرل ايڊهاڪ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪيترن ئي اڳواڻن پارٽي اميدوارن کي سينيٽ ٽڪيٽون ڏيڻ تي اصرار ڪيو آهي.