اسلام آباد (م ڊ) صدر مملڪت سعودي بچاءَ واري وزير کي نشان پاڪستان جو اعزاز ڏنو. ايوان صدر ۾ سعودي بچاءَ واري وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز کي نشان پاڪستان ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل ساحر شمشاد مرزا، آرمي چيف جنرل عاصم منير، بچاءَ واري وزير خواجا آصف شرڪت ڪئي.