اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي عمران خان کي جيل ۾ موجود سهولتن بابت حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هڪ بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان 179 ڏينهن ۾ 65 ماڻهن 976 ملاقاتون ڪيون، ان حوالي سان حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي 179 ڏينهن ۾ 30 لک رپين کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ جي خرچن بابت حقيقتون قوم جي سامهون اچڻ گهرجن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي خاص رهائشي يونٽ تي هڪ ڪروڙ رپين جي خرچ جون حقيقتون به سامهون اچڻ گهرجن.