اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان اسان جي سياسي وجود کي تسليم نٿو ڪري ته اسان کيس تسليم ڪيئن ڪنداسين، پي ٽي آءِ وارا ڄاڻي واري بيان ڏئي رهيا آهن ته مان عمران خان کي قتل جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهيان، ملڪ ۾ سياسي بي يقيني جو ذميوار ئي عمران خان آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن پنهنجي اها پاليسي ختم ڪري ها ته اڄ پي ٽي آءِ جي حڪومت هجي ها، پ پ اسان سان اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جي خواهشمند هئي،هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ پي ٽي آءِ جا ووٽ وڌيڪ پيا،مان اها ڳالهه تسليم ڪئي، ڪروڙن جي انگ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين کي ووٽ مليا آهن، حڪومت جي ڪاميابي لاءِ محمد اورنگزيب کي ناڻي ۽ محسن نقوي کي گهرو وزير بڻائڻ سٺا فيصلا آهن، ن ليگ کان علاوه ٻاهريان ماڻهو نه رکون ها ته حڪومت لاءِ مشڪلات پيدا ٿي پئي سگهي،شهبازشريف دانائي کان ڪم ورتو