ڪراچي (رپورٽر ) حيدري مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نارٿ ناظم آباد لنڊي ڪوتل چورنگي وٽ بيٺل سوزوڪي آلٽو ڪار نمبر بي ٽي اين 706 ۾ هڪ شخص جو لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش هٿ ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول کي ٻي جاءِ تان اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ لاش سميت ڪار کي ان جاءِ تي اڇلائي فرار ٿي ويا، مارجي ويلن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي مرسل صديقي ولد ياسين صديقي طور ٿي ، مقتول ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندو هو،