نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) گاجي کهاوڙ ۾ معصوم نينگري شبيران کوسو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف بس اسٽاپ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي ۾ نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ديدار کوسو بخشل کوسو جان محمد کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان جي نينگري شبيران کوسو جي قتل کي ٻارنهن ڏينهن ٿي ويا آھن پر گاجي کهاوڙ پوليس نينگري جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ايس ايس پي قمبر ڪليم ملڪ اسان وٽ آيو هو ۽ چوي پيو ته 24 ڪلاڪن ۾ نينگري جا قاتل گرفتار ڪندس پر هن وقت ٻارنهن ڏينهن ٿي ويا آھن پر ايس ايس پي قمبر نينگري جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا، جڏھن ته اسانجي نينگري کي زيادتي بعد بيدردي قتل ويو هو پر پوليس قاتلن کي ڳولي نه سگهي آھي جيڪا پوليس جي نااهلي آھي هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نينگري شبيران کوسو جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.