ڪراچي جا گٽرموتمار بڻيل، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ کليل گٽرن ۾ ڪرڻ سبب ٻارن جي موت جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پوليس موجب شاهه لطيف  ٽائون سيڪٽر 22 بي ۾ شام جي وقت 4 ورهين جو ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جڏهن ته ان کان اڳ 17 مارچ تي گهگهر ڦاٽڪ تي واٽر بورڊ جي لائين ۾ ٻارڙي ٻڏي فوت ٿي وئي، 8 ورهين جي سونيا پاڻي جي مين لائين ۾ ٿانو ڌوئڻ وئي هئي، گذريل سال 3 سيپٽمبر 2023ع تي بلديه مواچ ڳوٺ ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي هئي ۽ 14 آگسٽ تي ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ اڍائي ورهين جو ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو، ان کانسواءِ 6 مئي 2023 تي 10 سالن جو ابهيان گلشن اقبال ۾ کليل گٽر ۾ ڪري گم ٿي ويو هو، ان واقعي جو ڪيس 10 مهينن بعد داخل ڪيو ويو هو.

  • گٽرن جا ڍڪڻ چوري ڪيا وڃن ٿا: ميئر ڪراچي

ڪراچي(رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي وڌ ۾ وڌ ۾ ڪوشش آهي ته عوام جا  مسئلا حل ڪيا  وڃن.  بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڪراچي جي ترقي جو سفر بهتر نموني  جاري آهي، 8 ڪروڙ جي لاڳت سان اورنگي ٽائون ۾ 55 هزار اسڪوائر فٽ رستن ۽ گهٽين کي پختو ڪيو ويندو، پاڻي سيوريج، انفرا اسٽرڪچر جي ترقي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪراچي جي ڀرپاسي  جي علائقن ۾ به ترقياتي ڪم مسلسل ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه هن خميس تي اورنگي ٽائون ۾ مختلف رستن ۽ گهٽين ۾ پيور  ڪاري جي ڪم جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو جي ويزن تحت اڄ گلدستي جي شڪل ۾ موجود  آهيون، پي ٽي آءِ جا ٽائون چيئرمين ۽ بلدياتي نمائندا اسان سان گڏ آهن، هن چيو ته  گٽرن جي ڍڪڻ جو جيتري قدر  سوال آهي.  ته بدقستي سان انهن کي هٽايو وڃي ٿو، پلن مان سريو ڪٽيو وڃي ٿو، پائوڊر مافيا کي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس  جو ڪم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.