وفاق ۽ سنڌ ۾ آءِ جي پوليس جي مقرريءَ تان تڪرار نه نبريو

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ آءِ جي پوليس جي مقرريءَ تي هلندڙ تڪرار نه حل ٿي سگهيو آهي.  سنڌ حڪومت راجا رفعت مختيار جي جاءِ تي غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ چاهي ٿي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ حڪومت ٻه هفتا اڳ آءِ جي سنڌ لاءِ غلام نبي ميمڻ جو نالو تجويز ڪيو هو، پر اهو نالو اڃا فائينل ناهي ٿيو. ذريعن موجب آءِ جي جي مقرري ۾ دير تي سنڌ جو وڏو وزير وفاق کان ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو هو ته آءِ جي جي مقرري ۾ دير اتحادين  معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. صوبي ۾ امن امان جي صورتحال هن وقت خراب آهي. صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انتظامي فيصلن جي ضرورت  آهي. هن چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ نالا 4 مارچ تي اماڻيا ويا هئا.   پر وفاقي حڪومت اڃا آءِ جي پوليس  مقرر نه ڪيو آهي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته غير ضروري دير سان امن جي قيام جي ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.