لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه لڳ چڪ سکر روڊ تي هٿياربندن جي ايمبولنس مٿان فائرنگ مريض فوت هڪ ڄڻو زخمي، لکي غلام شاهه ٿاڻي جي جهان خان چوڪي جي حد چڪ سکر ڪنڌڪوٽ روڊ تي جهان خان ۽قاسم ڳوٺ جي وچ تي چڪ شهر کان دل جو دورو پيل مريض پوليس اهلڪار عبدالخالق سيٺار کي سماجي تنظيم حسوا جي ايمبولينس ۾ پٽ ۽ ڀاڻيجو سکر کڻي وڃي رهيا هئا ته نلڪا پڪٽ ويجهو هٿياربندن ايمبولنس کي روڪڻ بدران سڌي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ نوجوان شاهزيب سيٺار زخمي ٿي پيو ايمبولنس روڪڻ بعد هٿياربندن مريض جي کيسي مان ۽ سندس وارثن کان لکين روپيا روڪ 4 عدد موبائيل فون ۽ ايمبولينس جي ايمرجنسي واري ڪٽ ۽ دوائون ڦر ڪيون ويون، گئس سلينڊر کي پڻ نقصان پهچايو ويو، دل جي دوري سبب بيحال ٿيل مريض واقعي واري هنڌ کان ڪجهه فاصلي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙھ اباڻي شهر رستم پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، واقعي جي اطلاع تي لکي غلام شاهه چڪ ٿاڻن جي پوليس پهچي پيرا کڻي رستي ۾ گم ڪيا جنهن بعد کوجي ڪتو گهرايو ويو جنهن جا کنيل پيرا پڻ مڪا پيٽرول پمپ ويجهو هٿياربندن جي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿيڻ تي گم ٿي ويا، ايمبولنس ڊرائيور غلام حيدر سيٺار جو چوڻ هو ته 8 کان ڏھ هٿياربند هئا جن شروعات ۾ ئي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو ۽ گاڏي بيهڻ بعد مريض سيمت هنن کان روڪ رقم موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا سامهون بيٺل پوليس هٿياربندن جي فائرنگ باوجود ڪنهن قسم جي مزاحمت نه ڪئي، ايمبولينس تي فائرنگ ۽ ڦرلٽ بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي.