پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جا بدلين جا آرڊر رد

ڪراچي (رپورٽر)  سيڪريٽري تعليم 06 سيپٽمبر 2023 کان ھن وقت تائين پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جا ٿيل سمورا  بدلين جا آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيا،  ڊائريڪٽر ايڇ آر کي ٽرانسفر ٿيل سمورن استادن جي بائيوميٽرڪ پراڻن اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو.

  • عطا تارڙ سان چيني سفير جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد (م ڊ)  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ سي پيڪ کي پاڪستان جي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم سنگ  ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾  سي پيڪ جي صورت ۾  ويجهي ۽ جٽادار پارٽنر شپ خطي جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان کي سيڙپڪار دوست بڻائڻ وزيراعظ۾ شهباز شڙيف جو ويزن آهي. هو خميس تي هتي ملاقات لاءِ  آيل پاڪستان ۾ مقرر عوامي جمهوري جمهوريه  چين  جي سفير جيانگ زئي ڊونگ سان ڳالهه ٻولهه ڪري  رهيو هو، چيني سفير عطالله تارڙ کي  سڌ سماءَ  وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني، ملاقات ۾ سي پي، پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپاميڊيا ۽ فلم جي شعبي ۾ جاري تعاون  ۽ سي پيڪ بابت جعلي خبرون روڪڻ لاءِ چين پاڪستان انفارميشن ڪوري ڊور جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي .

  • زلفي بخاري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ ڪرڻ خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري سينيٽ چونڊن ۾  ان جا نامزدگي ڪاغذ رڪ ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي  فيصلي کي اليڪشن ٽربيونل ۾چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، هن درخواست ۾موقف ڏنو ته اليڪشن ڪميشن زلفي بخاري جا  نامزدگي ڪاغذ حقيقتن  جي ابتڙ رد ڪيا آهن، درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

  • ادرڪ  ۽ ٿوم جي امپورٽر  پاران مارڪيٽ ڪميٽي خلاف درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ادرڪ ۽ ٿوم جي امپورٽر مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي ۽ ايڪسائيز کاتي کي چئن هفتن ۾ جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته چائنا مان ٿوم ۽ ادرڪ گهرائي  ويندي آهي، بندرگاهه کان سامان پنجاب موڪليو ويو آهي پر مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي اسان کي پنهنجو لائسنس وٺڻ جي لاءِ چئي رهي آهي،  مارڪيٽ ڪميٽي  سان ڪو به تعلق ناهي ۽ هي سهولت ناهي ڏيندي، مارڪيٽ ڪميٽي لائسنس وٺڻ لاءِ مجبوري ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.