سعودي عرب کي پاڪستان ۾ 50 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي درخواست

اسلام آباد  (عوامي آواز نيوز) پاڪستان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کي  ڳري مالي مدد لاءِ  اپيل ڪري ڇڏي،ملڪ جي اهم اداري جي سربراهه سعودي ولي عهد کي گذارش ڪئي آھي ته جيڪي توهان هر دور حڪومت  ۾ پاڪستان جي قسطن ۾ مدد ڪندا آھيو اها هاڻي لاڳيتو ڪيو، گهٽ ۾ پاڪستان ۾  50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪريو ۽ ڏهه ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ ۾ جمع ڪرايو،  موٽ ۾ سعودي عرب ڳري سهڪار جو شرط رکي ڇڏيوآھي،تجزئي نگار ڪامران يوسف ٻڌايو ته سعودي ولي  عهد پهرين پاڪستان  کي چيو هو ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪيو پوءِ ڏٺو ويندو، هاڻي  جڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان کي آسرو ڏئي ڇڏيو آھي ته ملڪ جي اهم اداري جي سربراهه سعودي عرب جو دوري ڪري مالي مدد گهري ورتي آھي، جنهن تي کيس چيو ويو ته هن وقت علاقائي صورتحال بهتر نه آھي،وچ اوڀر ۾ اسرائيل فلسطين جي جنگ جاري آھي، جنگ کانپوءِ سعودي عرب اهم ڪردار ادا ڪندو، اهڙي صورتحال ۾ عرب ملڪ پاڪستان جي ڪيتري مالي مدد ڪري سگهن ٿا اهو هن وقت سواليه نشان آھي، بهرالحال پاڪستان جا معاشي مسئلا ايڏو تڪڙا بهتر نه ٿي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.