اسٽيبلشمينٽ اهڙا فيصلا ڪري پئي جيڪي احتساب کان مٿاهان آهن

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ پيپلز هيومن رائيٽس سيل جي صدر فرحت الله بابر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس جي بحالي ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن  اٿارٽي (پي ٽي اي) ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اهڙا فيصلا ڪري پئي جيڪي احتساب کان مٿاهان آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ فرحت الله بابر چيو ته هڪ مهيني جي مسلسل ترديد کانپوءِ گهرو وزارت سنڌ هاءِ ورٽ ۾ اعتراف ڪيو ته ايڪس کي ڳجهن ادارن جي مشوري تي بلاڪ ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي جي جنون ۾ مبتلا اسٽيبلشمينٽ اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي جيڪي احتساب کان بالاتر آهن ۽ معيشت، تعليم ۽ جمهوري حقن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. فرحت الله بابر چيو ته ان ۾ ڪهڙو مونجهارو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته گهرو وزارت پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته 17 فيبروري تي ايڪس جي معطلي جو حڪم ڏنو هو. هن چيو ته اها معطلي ان وقت ڪئي وئي جڏهن راولپنڊي جي هڪ سينيئر بيوروڪريٽ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ هڪ سينيئر جج تي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو، جنهن کانپوءِ ان بيوروڪريٽ جي ڪا به جاچ نه ٿي ۽ نه ئي انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. هن چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته ايڪس جي بندش جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي ۽ پي ٽي اي به ان کي پاڻ وٽ بحال ڪرڻ جي قابل ناهي.  ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيترن ئي حڪمن باوجود ايڪس کي بحال نه ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير اعتراف ڪيو آهي ته ان بندش بابت ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو ۽ عطاءُ الله تارڙ کي اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن نه مليو ته حڪومت بندش جي جاچ ڇو نه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.