ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ غير مستقل ڪووڊ 72 ويڪسينيٽرز جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذارن جي وڪيل ضياء اعواڻ جو چوڻ آهي ته اسان ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدمتون انجام ڏئي رهيا آهيون، صحت کاتي پاران نئين ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو، تربيت يافته ويڪسينيٽرن کي نظر انداز ڪري نيون ڀرتيون غير قانوني آھن، اسان کي مستقل ڪيو وڃي ۽ صحت کاتي کان جواب طلب ڪيو وڃي، عدالت سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري سميت چيف سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کي 6 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.