ڪراچي ۾ ويڳي پيءُ معصوم نياڻي کي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ويڳي پيءُ 8 ورهين جي معصوم نينگري تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب  ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي، ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار موجب جوابدار طارق پنهنجي گهر واري رابعه جي پهرين مڙس مان 8 ورهين جي ٻارڙي وانيا کي پيٽرول هاري باهه ڏني هئي جنهن سبب ٻارڙي جو جسم 25 سيڪڙو تائين سڙي ويو هو. پوليس موجب ٻارڙي جي والده مڙس جي ڊپ سبب پوليس کان معاملو کي لڪائي رکيو ۽ عورت ٻارڙي جو ڪڏهن سول اسپتال ته ڪڏهن نجي اسپتال مان علاج ڪرائيندي رهي, بيان ڏيندڙ عورت موجب هن 2 سال اڳ طارق نالي شخص سان شادي ڪئي هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي. اڳوڻي مڙس امجد مان ان جي 8 ورهين جي هڪ ڌيءَ آهي جيڪا ان سان گڏ رهندي آهي. 16 فيبروري تي ڌيءَ ٽيوشن تان گهر آئي ته مڙس طارق ڌيءَ کي مارڪٽ ڪئي ۽ مون کي به تشددد جو نشانو بڻايو ۽ ڌيءَ تي پيٽرول هاري ان کي باهه ڏئي ڇڏيو، مڙس مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پوليس موجب 8 ورهين جي ٻارڙي تي پيٽرول هاري باهه لڳائڻ جي واقعي جو ڪيس ٻارڙي جي ويڳي پيءُ جي خلاف داخل ڪيو ويو جوابدار جي ڳولا جاري آهي جلد کان جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.