پي آءِ ڊي ۾ مقرر آفيسر مقبول سنديلو ترقي بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) منسٽري آف انفارميشن اينڊ براڊڪاسٽنگ ۾  مقرر انفارميشن آفيسر مقبول احمد سنديلو 18 گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿي ويو آهي. پي آءِ ڊي ۾ مقرر  مقبول احمد سنديلو اڳ ۾ پي آءِ ڊي ۾ 17هين گريڊ ۾ انفارميشن آفيسر مقرر هو جيڪو هاڻ ترقي حاصل ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي ويو آهي.

  • مبشر حسن پرنسپل انفارميشن آفيسر مقرر

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف گريڊ 20 جي انفارميشن گروپ آفيسر مبشر حسن کي پنهنجي حڪومت پاڪستان جو پرنسپل انفارميشن آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هو مختلف اهم عهدن تي رهي چڪو آهي،نوٽيفڪيشن مطابق مبشر حسن کي سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي ذيلي شق 10 تحت پرنسپل انفارميشن آفيسر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي، مبشر حسن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد کان نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2024ع به ڪاميابي سان مڪمل ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.