ناڻي واري وزير جي آمريڪي سفير سان ملاقات، آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهه ٻول

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي پروگرام تي غور ڪيو ويو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن وچ ۾ معاشي جائزي جون ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن. ملاقات ۾ آءِ ايم ايف سان موجوده اسٽينڊ بائي انتظام مڪمل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي سهڪار جو به ذڪر ڪيو ويو. ملاقات دوران پاڪستان جي معاشي سڌارن جي هدفن لاءِ آمريڪي سهڪار جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته پاڪستان جي ٽيڪس   ۽ سيڙپڪاري جي ماحول تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.