ڪراچي ۾احتجاج ڪندڙ زراعت کاتي جي ملازمن تي پوليس ڪڙڪي پئي، لٺبازي

ڪراچي ( رپورٽر ) زراعت کاتي جي  اين پي آئي ڊبليو جي ملازمن پاران ٻيهر وزير اعلي هائوس ڏانهن احتجاج ڪندي وڃڻ جي ڪوشش  ڪئي، جنھن کي پوليس پاران ڪراچي پريس ڪلب چوراهي تي روڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ زراعت کاتي جي احتجاج ڪندڙ ملازمن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون ۽ پوليس پاران لٺ بازي ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ملازم ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏھن تھ پوليس 50 کان مٿي ايگريڪلچر جا ملازم گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي تي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيا، گرفتار ملازمن ۾ممتاز پنهور، آصف مسگي، عالم ڊومڪي، ارشاد ملاح، ساجن چانڊيو، احمد ميمڻ، الهوڌايو ٻرڙو، سڪندر لنڊ، شاهنواز جوڻيجو، گلزار کنڊ، نصرالله  سومرو،  نجف لاشاري، مرتضيٰ شاھ ۽ ٻيا شامل آھن. ان موقعي تي  ملازمن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن کي پوليس ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اُٿارڻ جي ڪوشش  ڪئي، اھڙي طرح سان  ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل ڪيمپ کي پڻ پوليس پاران ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون

 

حڪومت نوٽيس وٺڻ بدران تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي. ھنن مطالبو ڪيو تھ اسان کي ريگولر ڪري رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.