استاد الهه رکيو نندواڻي جو قتل ۽ ڌاڙيلن جي داداگيري

تحرير: حسين آزاد ميمڻ

ڪجھه  ڏينهن اڳ هڪ استاد الهرکيو نندواڻي جي پوسٽ ھلي هئي جنهن ۾ هو خود بندوق ساڻ  ڪري موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڊيوٽي ڏيئڻ لاءِ  اسڪول وڃي رهيو هو۔ جنهن مان ظاهر آھي ته کيس پنهنجي علائقي جي انتظاميه مان مايوسي ٿي هوندي ۽ خود پنهنجي تحفظ لاءِ  بندوق کڻي پنهنجي ڊيوٽي نڀائيڻ لاءِ  ويندو هوندو ۔ 17 مارچ تي سندس ڪيل خدشن حقيقت جو روپ ورتو ۽ استاد الهه رکيو ظالمن جي ور چڙھي ويو جن کيس ڦر دوران مذاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو ۔ ان  واقعي نه صرف استادن کي پر پوري سنڌ جي باضمير ۽ تعليم سان چاھ رکندڙن کي لوڏي ڇڏيو آھي ۔ استاد معاشري جو اڏيندڙ آھي ۽ استاد ئي معاشري کي بدحالي بد امني مان علم ۽ سمجهھ ذريعي ڪڍندا آھن ۽ تعليم ذريعي شعور آڻي خوشحالي ۽ امن امان آڻيدڙ آھن ۔ پر سنڌ جي هاڻي امن امن بابت اهڙي صورتحال آھي جو ڪو به ماڻھو پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي چاهي اهو واپاري هجي استاد هجي ڊاڪٽر هجي فنڪار هجي هاري هجي يا زميندار  هجي وغيره ۔ سنڌ جا سمورا شھر توڙي ٻھراڙي جا علائقا ڌاڙيلن ۽ چورن ڦورن حوالي آھن ۔ ڪڏهن خبر پوندي آھي ته بيگناھ ماڻھو سرداري نظام جي انتقام جي ور چڙھي ٿو وڃي ته ڪڏهن وڏيري جي سياسي خار بازي ۾ وٺجي ٿو وڃي جنهن۾ ڪوڙيون ايف آ آر ۽ ڪوڙا الزام ۔ جنهن ڪري  هر  فرد پنهنجي جان ۽ عزت بچائڻ لاءِ چپ کي ترجيح ڏئي نام نهاد وڏيرڪي نظام ۽ سردارن کي بالادست ٿيڻ جو موقعو ڏئي ٿو. جنهن مان هو سمجهي ٿو جيڪڏهن آئون به اٿيس ڪا ظلم خلاف واويلا ڪيم ته هڪ ڏينهن منهنجي زندگي جو انت به استاد الهه رکيو نندواڻي جهڙو ٿيندو ۔ جنهن کي سندس کنيل بندوق به تحفظ مهيا نه ڪري سگهي ۽ هو پنهنجي  زندگي هارائي ويٺو ۔ سنڌ جي روڊن تي هلندي ڪيترن ئي ماڻھن کي هاڻ اهو خوف کڻڻو ٿو پوي ته ڇا پنهنجي زندگي کي سلامتي سان گهر پڄائينداسين يا ڪنهن ظالم جو کاڄ ٿي مرنداسين.

هاڻي انهي مسئلي تي سڀ کان وڌيڪ پريشان استاد آھي ڇاڪاڻ هن جو وقت ڊيوٽي جو مقرر آھي ۽ انهي مقرر ٽائيم ڪري ڌاڙيل ڦورو آساني سان ان کي ٽارگيٽ بڻائي ڦر ڪري وٺن ٿا ۔ اڄ اسين جيڪڏهن سوچيون ته اها حالت اسان جي سنڌ ۾ امن امان جي رهي ته استاد پنهنجي ڊيوٽين تي ڪيئن پڄندا ۽ پوءِ تعليم جو ڇا حال ٿيندو ؟ اسان جي سنڌ جي بدقسمتي چئجي يا اسان سنڌين جي سوچ تي روئجي ! جو اسين هيڏو ظلم برداشت ڪري به پنهنجون واڳون نااهل حڪمرانن ۽ سردارن وڏيرن کي ڏيو ڇڏيون ٿا اسان کي ڀلي ماريو ڦريو قتل ڪريو پر توهان ئي اسان جا بابا آھيون ۔  سنڌ جو ٻچو ٻچو هن وقت ڏڪي ۽ رڦي رهيو آھي ته ڪنهن به وقت اسين ڌاڙيلن جي ور چڙھي وينداسن ۽ جهگلن ۾ اسان کي ڌاڙيل ماريندا بندوقون هڻي جڏو ڪندا ڀنگ جي وٺڻ لاءِ  وري وڊيو ڀري اسان جي مائٽن کي مجبور ڪندا ۔

ھڪ طرف ملڪ جي سيڪيورٽي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ٿا وڃن ته ٻئي طرف عوام ڌاڙيلن کان محفوظ نه آھي ۽ ڌاڙيل ڦورون حڪومت جي رٽ کي چيلينج ڪري سر عام بازارن ۾ ھلندا وتن ٿا ۽ ڀنگ لاءِ  سندن ڇڏيل پاٿاريدار سردار ڀوتار ماڻھن کان ڀنگ وٺيو پيا ڏين ۔ جن مان ڪجھه  حصو ڌاڙيلن کي ملي ٿو ته باقي حصو سردار ۽ ڀوتار جو هوندو آھي،  جنهن مان مستفيد اسان جي سنڌ پوليس به ٿيندي آھي ۔

هاڻي جيڪي فرد هنن اغوائن مان سڌو فائدو وٺي رهيا آھن اهي ڪڏهن نه چاهيندا ته ڪا اهڙي سرڪاري پاليسي اچي جنهن سان سندن منافعي بخش ڌنڌو بند ٿئي  ٻئي طرف ڏسجي ٿو سرڪاري بيئچن تي سڀ اهي ڀوتار ويٺا آھن جن جو عمل سئو سڌو بدامني کي هٿي ڏيندڙ آھي ۔ ۽ اهو ئي سبب آھي جو سنڌ ۾ نه ڌاڙيل ختم ٿا ٿين نه ڦورو ٿا ختم ٿين ۔ سنڌ پوليس ۾هاڻ اها جرئت ۽ اهليت ئي نه آھي جو هو ڀوتارن سردارن کي ڪڙو منهن ڏئي پنهنجو ميرٽ تي ڪم ڪن ڇاڪاڻ جڏهن به ڪو اغوا ماڻھو ٿيندو آھي ته ان ضلعي جو بالا آفيسر ۽ ضلعي جي پوليس ڀوتارن تي ڪم رکندي آھي ته ڦلاڻو  ماڻھو اغوا ڌاڙيلن کان هيترن پيسن عيوض وٺي ڏيو يا آزاد ڪرايو ۽ پوءِ اهو ٿاڻيدار ڀوتار جي معرفت ماڻھو ڀنگ عيوض آزاد ڪرائي پريس ڪانفرنسون ڪري عام ماڻھو کي ٻڌائيندا آھن ته پوليس وڏو ڪارنامون سرانجام ڏنو آھي ۔ ڌاڙيل فيڪٽر جو سنڌ ۾ وڌڻ هڪ ٻي سرڪار جي پاليسي به ٿي سگهي ٿي , جنهن جو مقصد آھي ته سنڌ  ۾ بد امني ايتري ته وڌيڪ هجي جو عام ماڻھو رڳو پنهنجي جان جي تحفظ تي ڳڻتيون  ۽ خوف کائيدو رهي ۽ کيس سنڌ جي قومي پيسن کي لٽيندڙن ڏانهن سوچڻ جو وقت به نه ملي ته جيئن حڪمرانن ۽ ڀوتارن کي قومي ناڻو لٽڻ تي ڪير سوال به نه ڪري سگهي ۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.