بجلي، انسان جي بنيادي ضرورتن منجھان آھي جنھن کانسواءِ آرام سان زندگي گزارڻ ڏکيو بڻجي ٿو وڃي. پر ھاڻي بجليءَ جا اگهه وڌندي وڌندي ايترا ته وڌي ويا آھن جو ھي بل ڀرڻ ھيٺئين طبقي جي ته ٺھيو پر وچولي طبقي جي وس جي ڳالهھ به ناھي رھي. بجليءَ جو بل ڏسجي ٿو ته ان ۾ الائي ته ڪھڙا قسمين قسمين جا ٽيڪس لڳل آھن جيڪي سمجهھ کان ٻاھر آھن. دنيا جي ڪا به شيءِ خريد ڪبي ته ڇا اھو ممڪن آھي ته اوھان کي چئن مھينن کانپوءِ چيو وڃي ته جيڪا شيءِ ورتي ھئي ان جا ھيترا پئسا وڌيڪ ڏيو! پر ڪي اليڪٽرڪ ماھوار ڳاٽي ٽوڙ بل موڪلڻ باوجود پوين مھينن جي خرچ ڪيل بجليءَ جا واڌو بل موڪلي اھو عالمي ريڪارڊ به قائم ڪري رھي آھي. اچرج ۾ وجھندڙ ڳالھ اھا ٿي ته ان ظلم خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جنھن جو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي حق ۾ ڏنو ويو!
ڪي اليڪٽرڪ، بجليءَ جي يونٽ جي قيمت ۾ به لڳاتار اضافو ڪري رھي آھي، جنھن جو سبب اھو ٿا ٻڌائن ته ملڪ ۾ 23 سيڪڙو بجلي چوري ٿي وڃي ٿي. سوال اھو آھي ته بجليءَ جي چوريءَ کي روڪڻ ڪنھن جي ذميواري آھي؟ ڇا اھا عوام جي جوابداري آھي؟ اھو ڪٿان جو انصاف آھي ته ڪي اليڪٽرڪ جي نا اھلي جي سزا عوام کي ڏني وڃي؟ عوام ته پوئين ڀيري وڏي تعداد ۾ اھو مطالبو به رکيو ھيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ مدو نه ڏنو وڃي پر بدقسمتي سان وري به انھن کي ئي ايڪسٽينشن ڏنو ويو.
انھن سمورن مسئلن جو ھاڻي آخري حل اھو ئي آھي ته بجليءَ جو پري پيڊ ڪارڊ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. جيئن ماڻھو موبائيل لوڊ ڪرائيندا آھن ايئن ئي گھر ۾ بجلي لوڊ ڪرائن ۽ پوءِ پنھنجي مرضيءَ ۽ سھولت سان استعمال ڪن. اھا ڳالهھ ٻڌندي به ٽي چار سال ٿي ويا آھن ته اھو سسٽم پاڪستان ۾ اچي پيو پر اڃان تائين اچي ناھي سگھيو. جيڪڏھن ڪا حڪومت عوام کي بجلي، گئس ۽ پاڻي به نه ڏئي سگھي ته ان جي ناڪاميءَ جو ٻيو ڪھڙو مثال پيش ڪري ٿو سگھجي
انھن سمورن مسئلن جو ھاڻي آخري حل اھو ئي آھي ته بجليءَ جو پري پيڊ ڪارڊ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. جيئن ماڻھو موبائيل لوڊ ڪرائيندا آھن ايئن ئي گھر ۾ بجلي لوڊ ڪرائن ۽ پوءِ پنھنجي مرضيءَ ۽ سھولت سان استعمال ڪن. اھا ڳالهھ ٻڌندي به ٽي چار سال ٿي ويا آھن ته اھو سسٽم پاڪستان ۾ اچي پيو پر اڃان تائين اچي ناھي سگھيو