لاڙڪاڻي ۾ پوليس سان چڪرين واري ڪيس ۾ 7 ڄڻا جيل حوالي

لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ نصيرآباد واسي استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳايل ڌرڻي دوران پوليس ۽  مظاهرين وچ ۾ ٿيل چڪرين جو ڪيس مارڪيٽ ۽ سول لائين ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪرايا ويا جن ڪيسن ۾ گرفتار ڪليم الله لوهار، سارنگ لوهار، سنگھار لوهار سميت 7 جوابدارن کي ڪالهه لاڙڪاڻو پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ 7 ئي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب عدالت سمورن جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ٻئي پاسي سمورن جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.