محمد خان جوڻيجو جي 31 هين ورسي،ڀيٽا پيش

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي 31هين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ سنڌڙي ۾ ملهائي ويئي، ورسي جي موقعي تي محمد خان جوڻيجو مرحوم جي پٽ  اسدعلي خان جوڻيجو پنهنجي والد جي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي  مرحوم جي مغفرت لاءِ دُعا گهري، ان موقعي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص بار جو صدر وڪيل جان علي جوڻيجو، جعفرعلي جوڻيجو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ مقامي سياسي سماجي اڳواڻ جوڻيجو برادري جا معزز ۽ مٽ مائٽ وڏي انگ موجود هئا، ان موقعي تي مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ خيرات ڪئي ويئي

  1. سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي اربع ڏهاڙي سڏايو ويو آهي، سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي صبح يارهين وڳي وزيراعليٰ  سيڪريٽريٽ ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندو، اجلاس لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پيپلز بس سروسز لاءِ فيول جي رقم جي منظوري، پي پي ايڇ جي 50 ڊسپينسريز کي رقم جي فراهمي ۽ ٻيا معاملا شامل آهن.

  1. جماعت اسلامي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي روڊ حادثي ۾ شهيد

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري، مرڪزي شورى جي رڪن ۽ سنڌ جي بَرک سياسي،  سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي خانپور ويجهو روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو، مرحوم دعوت افطار کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ ڪرمپور بجاراڻي وڃي رهيو هو ته پارڪو آئل ڪمپني ويجهو سندس گاڏي کي حادثو پيش آيو ۽ موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، ساڻس گڏ سئوٽ دُرمحمد بجاراڻي شديد زخمي ٿي پيو. 55 ساله عبدالحفيظ بجاراڻي پوئنرن ۾ بيواه، 04 پُٽ  ۽ 04 نياڻين کي سوڳوار ڇڏيو آهي، مرحوم جي اوچتي موت تي جماعت اسلامي سميت سندس خاندان ۽ جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعن سميت سڄي سنڌ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. عبدالحفيظ بجاراڻي جي جنازي نماز  اڱاري تي (اڄ) صبح جو 10 وڳي ڪرمپور ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ ادا ڪئي ويندي. هوڏانهن مرڪزي امير سراج الحق، لياقت بلوچ، مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، راشد نسيم، محمد حسين محنتي، ڪاشف سعيد شيخ، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، ممتاز حسين سهتو، مجاهد چنا سميت اهم اڳواڻن دلي ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.