لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان جو سال گذرڻ باوجود لاش نه مليو

ڪراچي (رپورٽر) ڪاروڪاري جي الزام هيٺ نوجوان علي احمد بروهي کي قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ اڇلائڻ بابت ٻڌڻي، سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ نوجوان علي احمد بروهي جي قتل بابت ٻڌڻي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ان دوران چيو ته پوليس مقتول جو لاش ڳولڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ ايس پي لاڙڪاڻو  نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته پوليس پاران ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ باوجود لاش هٿ نه اچي سگهيو، هڪ سال اڳ واري واقعي جي هر واهه ۾ ڳولا ڪئي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل اختر حسين ايڊووڪيٽ چيو ته پوليس لاش جي ڳولا لاءِ هن وقت تائين ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي، اختر حسين شيخ ايڊووڪيٽ چيو ته پوليس کي چڱي ريت خبر آهي ته اهي جيڪي نٿا ڪرڻ چاهين اهو نٿا ڪري سگهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کان ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته مقتول جي لاش جي ڳولا جاري رکي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، بئريسٽر اختر حسين شيخ چيو آهي ته عدالتون اهڙيون ڪوششون ڪري رهيون آهن جن سان ميت جي ڳولا جي ڪا اميد ناهي، پوليس رڳو ٻن ڪيسن ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي يا ته کين پئسا ملن يا عدالت کان دٻاءُ، اسان جو اهو نظام آهي ته هڪ ماءُ پنهنجي ٻار جو لاش وٺڻ لاءِ دربدر ٿيڻ تي مجبور آهي، مقتول نوجوان جي امڙ چيو ته منهنجي پٽ علي احمد بروهي کي اغوا بعد قتل ڪيو ويو، ظالمن منهنجي پٽ  کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.