آصف زرداري تي ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو، عمران سزا يافتا آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي سينئر وزير ۽  ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي  وزير شرجيل انعام ميمڻ عوام کي ٽرانسپورٽ جون وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عوام کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏيڻ سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، آرڪائيوز ڪامپليڪس، ڪلفٽن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار صوبي جي عوام کي جديد ترين، سستي ۽ بھترين سفري سھولتون مھيا ڪرڻ وارين رٿائن تي ڪم ڪري رھي آھي، نگران حڪومتي دور ۾ ٽرانسپورٽ جي رٿائن ۾ دير ٿي، پر ھاڻوڪي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ صوبي جي ٽرانسپورٽ واري نظام کي بھتر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آھن. هن چيو تھ ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسن جا وڌيڪ ٻه روٽ شروع ڪيا پيا وڃن، عيد کانپوءِ ميرپورخاص ۾ به شھرين جي لاءِ پيپلز بس سروس جھڙي جديد ٽرانسپورٽ ڏني ويندي. عورتن جي لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس جي بسن ۾ به واڌ ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ روزانو ھڪ لک ست ھزار شھري پيپلز بس سروس جي جديد سھولت مان لاڀ ماڻي رھيا آھن، 18 اپريل کان آٽوميٽڪ فيئر سسٽم روٽ نمبر ھڪ ۽ روٽ نمبر 9  تي آزمائشي طور شروع ڪري رھيا آھيون، ريڊ لائن بي آر ٽي لاءِ روزانو اجلاس ڪري ھن رٿا کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي، عيد کان فوري پوءِ ڄام صادق پُل تي ڪم شروع ٿيڻ وڃي رھيو آھي. ھن چيو ته ايندڙ فيز ۾ وڌيڪ 500 بسن جي خريداري جو منصوبو جوڙي رھيا آھن، ھي بسون سنڌ جي مختلف شھرن کي ڏنيون وينديون. شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته اڄ کان پوري سنڌ ۾ منشيات جي خلاف ڪارروائي شروع ڪنداسين.  حڪومت صوبي ۾ والدين جي سھڪار ۽ مدد سان ٻارن کي منشيات ۾ مبتلا ڪرڻ وارن منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري رھي آھي، عوام کي درخواست آھي ته حڪومت کي منشيات فروشن بابت آگاھه ڪن.  ھن چيو تھ شھيد ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف سميت سمورن شھيدن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنھنجي شھيد خلاف مھم ھلائڻ وارن جي سخت مذمت ڪري ٿي . شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري 12 سال قيد ڀوڳي ۽  مٿس ڪوبه ڏوھ  ثابت نھ ٿي سگھيو، اسد قيصر جو ليڊر مختلف ڪيسن ۾ سزا يافته آھي، عمران خان ھن ملڪ جي خلاف ھر فورم تي سازشون ڪيون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.