اتر وزيرستان ۾ آپريشن، ڪمانڊر سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر  موجب، اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، آپريشن آچر ۽ سومر جي وچ واري رات ڪيو ويو . آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن، مارجي ويل دهشتگردن ۾ دهشتگرد صحرا عرف جانان به شامل آهي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد صحرا عرف جانان 16 مارچ تي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملي ۾ ملوث هيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انتهائي گهربل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.