پي آءِ اي جي امڪاني نجڪاري: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي سرڪار ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ پي آءِ  اي جي  امڪاني نجڪاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وفاقي حڪومت، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، وزارت نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڌرين کان 3 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ۾ چيو ته درخواست ۾نجڪاري بابت قانون کي چئلينج ڪيو ويو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي درخواستگذار کان سوال ڪيو ته درخواستگذار نجڪاري خلاف ڇو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته بنيادي طور تي ڄاڻايل ترميم ڪمپنيز ايڪٽ خلاف آهي، جڏهن قانون ۾ ترميم غلط آهي ته پوءِ  پي آءِ  اي کي ڪيئين خانگائي سگهجي ٿو، پيپلز يونٽي جا پي آءِ اي ۾ چار  سيڪڙو شيئر آهن، پي آءِ  اي سرڪاري ملڪيت رهي ئي ناهي جڏهن ته شيئرز پهريان کان وڪرو ٿي چڪا آهن ته پوءِڪيئن خانگائي سگهجي ٿو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سوال ڪيو ته پي آءِ  اي پرائيوٽ ٿي چڪي آهي ته پوءِ يونين کي ڪهڙو فرق پوي ٿو ته ان جو ڪير به مالڪ ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.