اسفنديار ولي جي هرجاڻي جي دعويٰ: شوڪت يوسفزئي کي 15 ڪروڙ ادا ڪرڻ جو حڪم

پشاور(م ڊ)پشاور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اي اين پي سربراهه اسفندر يار ولي جي درخواست تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي کي 15 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ شوڪت يوسفزئي کي اسفند يار ولي جي حق ۾ 15 ڪروڙ رپيا هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ايڊيشنل سيشن جج اعجاز الرحمان فيصلو جاري ڪندي چيو ته شوڪت يوسفزئي طلبي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو.شوڪت يوسفزئي جي پيش نه ٿيڻ تي هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي وئي.ياد رهي ته شوڪت يوسفزئي اسفند يار ولي تي پختونن جي اڍائي ڪروڙ ڊالرز جي سودي ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن تي اسفند يار ولي 2019ع ۾ شوڪت يوسفزئي خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.