لاڙڪاڻي ۾ پرامن جمهوري احتجاج تي تشدد !؟

تحرير: نثار لغاري

لاڙڪاڻي ۾ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٿيل احتجاج تي پوليس جو تشدد رياست جي بي رحمي کي چڱي طرح ظاهر ڪري ٿو هي تشدد سنڌ ۾ قومي جبر جي سوال کي وڌيڪ چٽو ڪندو  ان کي نروار ڪندو، ساڳئي وقت هتان جي جمهوريت جمهوريت جو ورد ڪندڙ پيپلزپارٽي ءان جي اتحادي ڌرين جي نام نهاد جمهوريت پسندي کي به  ڀلي ڀت وائکو ڪري ٿو

هدايت لوهار جون نياڻيون  ملڪ جي آئين موجب سندن بابا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ساٿين سان گڏ  پرامن احتجاج ڪري رهيون هيون  ھي ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني غير آئيني رياست مخالف مطالبو نه آھي  هڪ سماج جو اهم فرد  قتل ڪيو ويو آھي رياست جي ذميواري آھي ته اها اصل قاتلن کي گرفتار ڪري  رياست پنهنجي شھري جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ بدران پرامن احتجاج تي تشدد طاقت جو استعمال ڪري ٿي

هن وقت سنڌ جي عوامي قومي مزاحمت ۾  تيزي ايندي  ان ۾ واڌارو ايندو هن وقت اها ڪنهن حد تائين مايوسي ۽ جمود جو شڪار آھي رياست ۽ حڪمرانن جو تشدد ان ۾ وري اتساهه پيدا ڪندو  مايوسي به آھي پر اها حڪمران طبقن جي تشدد سبب اتساهه ۾ تبديل ٿي ويندي

سنڌ بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه جيان  رياست لاءِ ڪا وڏي غير اهم ڪٽيل الڳ ٿلڳ  ناهي بلڪه رياست جي مکيه سپلاءِ لائين تي واقع آھي انڪري سنڌ تي شديد اگهاڙو تشدد ويتر سياسي ماحول کي گرمائيندو. قومي سياست کي تيز ڪندو جيڪو هرگز هتان جي آقائن لاءِ بهتر ناهي بحرحال تشدد آقائن جو عمل آھي بغاوتون ڪرڻ غلامن جو عمل آھي

هر پرتشدد واقعو قومي عوامي غلامي کي چٽو ڪندو ويندو. مزاحمت جي عوامي ارادي کي سگهارو ڪندو ويندو  سنڌ جون سڀ حقيقي عوام دوست وطن دوست قوتون  هن وقت امتحان جي گهڙي ۾ آھن تاريخ کين آھستي آھستي باسعادت موقعو فراهم ڪرڻ طرف روان دوان آھي انهي تاريخي گهڙي جو انقلابي قوتن کي انتظار هوندو آھي .

هر پرتشدد واقعو قومي عوامي غلامي کي چٽو ڪندو ويندو. مزاحمت جي عوامي ارادي کي سگهارو ڪندو ويندو  سنڌ جون سڀ حقيقي عوام دوست وطن دوست قوتون  هن وقت امتحان جي گهڙي ۾ آھن تاريخ کين آھستي آھستي باسعادت موقعو فراهم ڪرڻ طرف روان دوان آھي انهي تاريخي گهڙي جو انقلابي قوتن کي انتظار هوندو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.