ڇا ايس ايس پي روحل کوسو گھوٽڪي ۾ امن بحال ڪرائي سگھندو ؟

تحرير: ڪامران بوزدار

گھوٽڪي ضلعو جيڪو ھميشه سردارن جي زير اثر ۾ رھيو آھي ، اڪثر ڏٺو ويو آھي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ اھو ئي ايس ايس پي ايندو آھي جنھن تي ھتان جي سردارن جي آشيرواد حاصل ھجي يا وري ايئن کڻي چئجي ته ضلعي ۾ مقررين ۽ بدلين جو سمورو اختيار سياسي ڀوتارن کي حاصل آھي. ھميشه ڏٺو ويو آھي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ اھو ئي ايس ايس پي وڌيڪ عرصو رھيو آھي جيڪو سردارن جي حمايت يا وري سردارن جو پوئلڳ رھيو ھجي. ھاڻي ڏسڻو آھي ته ھڪ طرف گھوٽڪي جون حالتون ايترا خراب ٿي ويون آھن جو ماڻھو جيڪڏهن رات ته پري جي ڳالهھ آھي پر ڏينھن جو به ڪنھن ڪم ڪار يا وري پنھنجي روزگار سانگي گھران نڪري ٿو ته گھر وارن کي اھا چِنتا ھوندي آھي ته گھر خير سان واپس پھچندو يا نه اتر سنڌ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون آھن ، جنھن ۾ ڪنڌڪوٽ ڪشمور لاڙڪاڻو ۽ سڀ کان وڌيڪ گھوٽڪي ضلعو سنڌ پوليس توڙي تمام تحفظي ادارن لاءِ ھڪ چئلنج بڻيل آھي.

گھوٽڪي ضلعي ۾  امن بحال ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي انور کيتران بلڪل ناڪام ٿي ويو آھي ڦرون ڌاڙا اغوا ڪاريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ، ڪجھه ھفتا اڳ ھندو ديوان رتڪ ڪمار اغوا ٿي ويو ھو جنھن خلاف مسلسل احتجاج به ڪيا ويا جنھن کانپوءِ ذريعن موجب ڊيل تحت وارثن پاران ڀنگ عيوض نوجوان بازياب ڪرايو ويو ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي نوجوان اغوا ٿيل آھن اھڙي صورتحال بعد سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ايس ايس پيز جون بدليون ڪيون ويون، ضلعي گھوٽڪي ۾ ايس ايس پي انور کيتران کي بدلي ڪري ان جي جاءِ تي پڙھيل لکيل نوجوان ايس ايس پي روحل کوسو کي مقرر ڪيو ويو آھي ، مون اڳ م به ڳالهھ ڪئي ته گھوٽڪي ضلعو ھميشه نئين ايس ايس پي لاءِ چئلينج بڻيل ضلعو ھوندو آھي گھوٽڪي ضلعي م درپيش آھن ، گھوٽڪي ضلعو ھن وقت انتھائي نازڪ موڙ ۾ آھي ، گھوٽڪي جا ڪيترائي علائقا رونتي جو ڪچو سميت ڪافي علائقا نوگو ايريا بڻيل آھن ته وري گھوٽڪي ۾ رھندڙ ھندو برادرين کي جاگيراڻي گينگ ۽ سندراڻي گينگ جي ڌاڙيلن سميت ڀنگ لاءِ فون ڪال ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن .

گھوٽڪي ضلعي مان ڪيترائي ھندو خاندان اغواڪارين ۽ بدامني جي ڊپ کان پنھنجي جنم ڀومي شھر ڇڏي ڀارت ھليا ويا آھن ۽ وري ڪي خاندان ويزا جي انتظار ۾ پڻ ويٺل آھن .گھوٽڪي ضلعي ۾ نئون ايس ايس پي روحل کوسو جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ ھتان جي عوام ۾ ھڪ اميد جاڳي آھي ته روحل کوسو ھڪ پڙھيل لکيل ڪميشن پاس نوجوان آھي پر ٻئي پاسي عوام جي ذھنن ۾ ويٺل آھي ته ڇا ھي ايس ايس پي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي مداخلت کانسواءِ ڪم ڪري سگھندو؟ ھن وقت تائين ڪنھن به سردار يا ايم پي اي ، ايم اين اي جو ڪو به عملي قدم واضع نظر نه آيو ۽ نه ئي وري ڪو ھڪ بيان به سامھون اچي سگھيو .

گھوٽڪي ضلعو سردارن جو ڳڙھ سمجھيو وڃي ٿو ۽ ھتان جا سڀ سردار پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل آھن جيڪڏهن ڪو به ايس ايس پي سردارن جي خلاف ڪوبه قدم کڻندو ته پنھنجي قيادت کان سفارش ڪرائي به کين بدلي ڪرائي سگھن ٿا ، سنڌ ڌرتي صوفين درويشن ۽ اوليائن جي ڌرتي آھي جنھن ۾ گھوٽڪي ضلعو به پڻ ھڪ آھي جنھن ۾ امر شھيد ڀڳت ڪنور رام به ھڪ ھو ،ان جي پنھنجي ڌرتي پنھنجي ماروئڙن سان پيار محبت ۽ بنا مذھب جي پنھنجي مسڪين ماڻھن خدمت جي ڪري پوري دنيا ۾ مشھور آھي.

گھوٽڪي ضلعي جي شھر جروار ۾ ڀڳت ڪنور رام صاحب جي جنم ڀومي ڏيوري صاحب تي ھر سال قافلي جي صورت ۾ ھزارين ھندو ياتري محبت جو پيغام کڻي ڀارت کان اچي حاضري ڀرين ٿا پر ھن وقت اھڙي صورتحال آھي جو گھوٽڪي ضلعي جا سوين ھندو لڏپلاڻ ڪري ڀارت وڃي رھيا آھن، ڇا اھڙي صورتحال ۾ ايس ايس پي روحل کوسو امن امان جو ذمو کڻي سگھندو؟ ايس ايس پي گھوٽڪي کي گھرجي ته سنڌ حڪومت کان مارٽر گولن سميت ٽينڪون ۽ جديد ھٿيارن سميت ڪچي ۾ بي رحماڻو آپريشن شروع ڪرڻو پوندو ۽ سردارن کي مداخلت ڪرڻ نه ڏي ۽ خاص طور تي ھر حد جي ايس ايڇ اوز تي گھَري نظر رکڻو پوندو ڇو ته پوليس ۾ به ڪجهھ اھڙيون ڪاريون رڍون آھن جيڪي ڌاڙيلن جا ڀاڱي ڀائيوار آھن ھميشه ايئن ٿيندو رھيو آھي ته اغواڪارين جي وارداتن ۾ مقامي ماڻھن ۽ پوليس جي اھلڪار جي ملوث هجڻ جا ثبوت مختلف ايس ايس پيز کي ملندا رھيا آھن پر بااثر سردارن جي پشت پناهي جي ڪري يا ته وري گھوٽڪي ضلعي جا آفيسر انھن خلاف ڪاروائي کان ڪاثر رھيا يا وري بدلي ڪرائي ھليا ويا ھن وقت گھوٽڪي ضلعي جي عوام جون نظرون روحل کوسو ۾ آھن ته ھوءَ گھوٽڪي ضلعي جي امن امان خراب ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ضلعي ۾ امن بحال ڪرائيندو ۽ ھتان جي رھندڙ ھندن کي اعتماد ۾ وٺي انھن کي تحفظ فراھم ڪندو.

گھوٽڪي ضلعي ۾ ان کان علاوه وڏي عرصي کان ھلندڙ قبيلائي جھيڙن به ڪيترائي ويڙھا تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيا آھن جنھن جي ڪري به ھميشه گھوٽڪي جو امن خراب ٿيندو رھيو آھي قبيلائي تڪرارن ۾ ڏٺو ويو آھي ته پڙھيل لکيل طبقو جھيڙي جي ور چڙهي ويو آھي ، جڏھن ته بدمعاش قسم جي ماڻھن کي جھيڙن ۾ ڦر لٽ ڪرڻ ۽ ھر قسم جي خونريزي جي ڇوٽ مليل ھوندي آھي ، ھر ڪنھن به قبيلي مان ڪو ھڪڙو شخص ڪو ڏوھ يا قتل ڪري ٿو ته ان شخص کي ئي سزا ملڻ گھرجي نه ڪي ان کي گھر ڀاتين کي به ، جيڪو شريف انسان پنھنجي ٻچن جي روزي ڪري ٿو ھميشه پڙھيل لکيل يا شعور وند ماڻھو يا پورھيت جھيڙي جي ور چڙهي پنھنجي زندگي کي وڃائي ويٺا پر ڪو به ايس ايس پي ، ضلعي ۾ قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم ناھي کنيو ، گھوٽڪي ۾ بدامني جو سڀ کان وڌيڪ مسئلو قبيلائي تڪرارن جي ڪري رھيو آھي گھوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن سياسي سماجي اڳواڻن انساني حقن جي تنظيمن به قبيلائي تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو تحرڪ ناھي ورتو، قبيلائي تڪرارن سوين ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا آھن ۽ ڪيترن امڙين جون جهوليون خالي ٿي ويون جنھن سبب ڪچي توڙي پڪي ۾ رھندڙ مختلف برادرين جا ٻارڙا قيد واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رھيو آھي ڪيترائي معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم آھن، جيڪي گُھٽ ٻوسٽ ۽ خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ھاڻي اھڙي صورتحال ۾ ڇا گھوٽڪي ضلعي ۾ مقرر ٿيل نئون ايس ايس پي روحل کوسو صاحب جيڪو پھريون ڀيرو گھوٽڪي ضلعي ۾ آيو آھي جتي مختلف قبيلن جي سردارن جو ڳڙھ آھي گھوٽڪي جا تقريباً سڀ سردار اقتدار ۾ به آھن ڇا روحل کوسو ڪو سخت ايڪشن وٺي سگھندو يا وري قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻندو .

گھوٽڪي جو  عوام تمام گهڻو پراميد آھي ته گھوٽڪي ضلعي ۾ جيڪا بدامني جي باھ ڀڙڪي اُٿي آھي ھر روز ٿيندڙ اغواڪارين جي وارداتن تي ٻُنجو ڏيئي ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائيندو ۽ مغوين کي به جلد بازياب ڪرائيندو ته وري گھوٽڪي مان خوف ۽ زندگي جي خطري سبب پنھنجي جنم ڀومي ۽ وڏڙن جي جنم ڀومي شھر کي ڇڏي ويندڙ ھندن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.