سنڌ حڪومت ۽ لاڙڪاڻو پوليس کي تاج جويي سميت احتجاج ڪندڙن تي تشدد جي معافي وٺڻ گهرجي

برک اديب، صحافي ۽ دانشور بدر ابڙي صاحب سوشل ميڊيا تي اهو بلڪل صحيح ڪمينٽ ڪيو آهي ته ” چهبڪ جو هي نشان فقط تاج جويي جي پٺيءَ  تي نه، اسان سڀني جي پٺين تي ٺهيو آهي“ اهڙو اظهار هن، جسٽس فار هدايت لوهار، وي ايم پي، سجاڳ ٻار فورم ۽ ٻين تنظيمن جي سڏ تي لاڙڪاڻي ۾ آچر ڏينهن سوين سياسي، سماجي ڪارڪنن، ادبين، صحافين، استادن،عورتن ۽ ٻارن جي ڪڍيل ريلي جي موقعي تي پوليس طرفان ڪيل تشدد خاص ڪري سنڌ جي سينئر اديب، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جويي جي پٺي تي هنيل چهبڪ تي ڪيو آهي جنهن جي اسان سڀ مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ حڪومت توڙي لاڙڪاڻو پوليس کي تاج جويو سميت ٻين احتجاج ڪندڙن تي ڪيل تشدد تي کانئن معافي وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

اها ڪيڏي نه المياتي ڳالهه آهي ته حڪومت ۽ پوليس هدايت لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران الٽو ان جي وارثن، حامين ۽ جدوجهد ڪندڙ استادن، صحافين، اديبن، عورتن کي گرفتار ڪري رهي آهي ۽ مٿن  بغاوت جا ڪيس داخل ڪري رهي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا عوام قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو نه ڪري، پوليس ۽ حڪومت جي ناڪامي خلاف آواز نه اٿاري، مهانگائي ۽ بدامني، پاڻي جي کوٽ، پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج نه ڪري؟ جيڪڏهن ڪن ٿا ته انهن تي پوليس گردي ٿئي ٿي، لٺ بازي ٿئي ٿي، ڳوڙها گيس اڇلائي وڃي ٿي.

پوءِ اهو خيال نٿو ڪيو وڃي ته هنن احتجاج ڪندڙن جي ووٽن سان ئي اسان ملڪ جا صدر، وزيراعظم، وڏا وزير ۽ مختلف کاتن جا وزير بڻيا آهيون. پوليس پوءِ اهو ناهي ڏسندي ته هي اسان جي ملڪ ۽ صوبي جا استاد، اديب، صحافي، ڊاڪٽر وغيره آهن پوليس اهو به نه ٿي ڏسي ته هي ناميارو اديب استاد سنڌ جو دانشور، ڀٽائي جو پارکو هر لحاظ کان عزت لائق اسان جو فڪري اثاثو تاج جويو  آهي، هي سندس پٽ ۽ هيءَ سندس ننهن آهي، پوليس پوءِ اهو به ناهي ڏسندي ته هيءَ سسئي ۽ سورٺ آهي جيڪي هدايت لوهار جون ڌيئر آهن، جن پيءُ کي صبح سوير اسڪول ويندي نصير آباد ۾ قتل ڪيو ويو هو ۽ هي نياڻيون پنهنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نٽهڻ اُس ۾ احتجاج ڪرڻ، ريلي ڪڍڻ ۽ ڌرڻا ڏيڻ لاءِ نڪتيون آهن، اهڙي همدردي محسوس ڪرڻ بدران الٽو پوليس جڏهن هدايت لوهار جي پٽ کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته پرامن ريلي مزاحمت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ پوءِ هدايت لوهار جي ٻن نياڻين سميت فوزيه سينگار ۽ ٻين ڪيترن احتجاج ڪندڙن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪيترن تي بغاوتي مقدما داخل ڪيا ويا.

حڪومت ۽ پوليس جي ان رويي ڪري ئي سندن ساک عوام دوست ۽ جمهوريت واري ناهي رهي. حڪومت ۽ لاڙڪاڻي پوليس کي حقيقت ۾ تاج جويي جهڙن اديبن، ۽ دانشورن کي ٿنڪ ٽينڪ بڻائي انهن کان رهنمائي وٺڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته سندن پٺين تي چهبڪ وسايا وڃن. اهو رويو نه رڳو غير جمهوري آهي پر اخلاقيات کان به ڪريل حرڪت آهي. تاج جويو ڀلي اديب يا دانشور نه به هجي پر عمر ۾ سندس حيثيت هڪ بزرگ واري آهي، سينئر سٽيزن آهي. اوهان پوليس وارن کي تاج جويي تي چهبڪ هڻندي اهو خيال ڇو نه آيو ته هو اوهان جي پيءُ جيڏو آهي، آخر اخلاقيات به ڪا شئي هوندي آهي.

اخلاقيات جي ته اها به تقاضا آهي ته حڪومت ۽ لاڙڪاڻو پوليس پنهنجي بربريت تي ندامت جو اظهار ڪندي تاج جويي ۽ انهن احتجاج ڪندڙن کان معافي وٺي جن تي انهن تشدد ڪيو آهي ۽ احتجاج جي ڏوهه ۾ کين گرفتار ڪيو ويو بجاءِ ان جي ته جنهن مسئلي لاءِ انهن احتجاج ڪيو تنهن جو ڪو انتظامي حل ڪڍيو وڃي ها يا عزت آبرو سان ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن ها. اهو ئي حڪومتي آداب آهي جنهن جو فقدان آهي،

هيءُ اهو ملڪ آهي جتي ڏوهارين، قاتلن، ڦورن جي ته عزت نفس جو خيال ڪيو ويندو آهي، سندن چهري تي پردو وجهي ٿاڻن، عدالتن ۽ ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويندو آهي پر ملڪ جي سياستدانن، اديبن، دانشورن، صحافين، استادن، عورتن بزرگن ۽ ٻارن جي سر عام تذليل ڪئي ويندي اهي، کين ٽنگو ٽالي ڪيو ويندو آهي، تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ساڻن اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو آهي جيڪو عام طور تي ڏوهارين، قاتلن، ڦورن ۽ دهشت گردن سان به ناهي ڪيو ويندو.

اهو ظلم آهي، انياءُ آهي، پوليس گردي آهي، حڪومتي ڏاڍائي آهي جنهن کي هر دور ۾ عوام ۽ ميڊيا رد ڪيو آهي، نندا ڪئي آهي ايئن جيئن اڄ  تاج جويي تي ڪيل پوليس تشدد جي هر سطح ٿي مذمت ٿي رهي آهي ۽ ان افسوس جوڳي ڪارروائي تي احتجاج ٿي رهيا آهن سو مهرباني ڪري حڪومت ۽ پوليس پنهنجو رويو بهتر ڪري، پنهنجي اصلاح ڪري ۽ عوام آڏو جمهوري ۽ عوام دوستي واري سڃاڻپ پيدا ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.