ڪوٽڙي ۾ بدامني تي شهرين جو صبر جو جواب ڏئي ويو، سائيٽ ايريا ۾ شٽربند هڙتال، ڌرڻا

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو)ڪوٽڙي توڙي ڄامشورو ۾ روزاني  بنياد تي ٿيندڙ ڦرن، ڌاڙن چورين شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو بدامني خلاف خدا جي بستي ۾ عمر ابڙو شمشاد ميڻو، ستار لهر جي اڳواڻي ۾ شٽر  بند هڙتال ڪرائي وئي جڏھن ته  بهار ڪالوني ۾ دڪاندار يونين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان پيادل مارچ جڏهن ته  اوور هيڊ برج تي عبدالوحيد ڪابورو ،عبدالفتاح چنا امداد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن توڙي متاثرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ڄامشورو خصوصن ڪوٽڙي ۾ پوليس جي رٽ ختم ٿي وئي آهي شهرين کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ڏينهن ڏٺي جو شهري ڦرجي رهيا آهن مک بازارن مان هٿيارن جي زور تي فرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ بجاء منشيات فروشن کان اوڳاڙي ڪرڻ مصروف آهي هنن چيو ته  جيڪر بدامني کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته  شهري مجبورن پنهنجو دفاع پاڻ ڪندا ۽ ٿيندڙ نقصان جي ذميوار پوليس هوندي ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڙي ايس ايڇ او ڪوٽڙي ۽ ٻين پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏيهن جي مهلت طلب ڪري ورتي مظاهرين ٻن ڏينهن ۾ معاملا حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪندي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيوجڏهن ته ڪوٽڙي توڙي سائيٽ ۾ 2 ڪلاڪن دوران مختلف هنڌن تي ڏوهاري سرگرميون جاري بروھي چوڪ تان رميش ڪمار جي جنرل اسٽور تان ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي دڪان مالڪ کان 5 لک اسي هزار ڪيش سوني چين ۽ موبائل فون فري فرار، بهار ڪالوني ۾ فجر مهل وليد مارٽ تي ٽن هٿياربندن جي ڪاھ عملي کي يرغمال  بڻائي 2 لک ڪيش موبائل فون ۽ ٻيو سان ٻهاري ويا خدا جي بستي مان عمر ابڙي کان ڊيري تان 50 هزار ڪيش فر ڪري ويا،ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان فجر مهل شعيب احمد ۽ جاويد بهاري کان ڏھ نامعلوم هٿياربندن اسي هزار ۽ موبائل ڦري ويا مزاحمت تي ڦورن کين خنجر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته  متاثر زخمين ٻن ڄڻن کي سوگهو ڪري ون فائيو پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس کان هڪ جوابدار فرار ٿي ويو،ڪوٽڙي سائيٽ مان ظهير عباس کان هٿيارن جي زور تي موبائل فون فر جڏهن ته  خدا جي بستي مان علام سرور جکراڻي کان ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زپر تي سي ڊي 70 2024 فر ڪري فرار ٿي ويا ياد رهي ته  روزانا جي بنياد تي ٿيندڙ ڏوهن تي پوليس طرفان ڪا به ڪاروائي ٿيندي نظر نٿي اچي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.